حڪومت سان ڳالهين جي اهم دور کان اڳ عمران خان پارٽي کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

راولپنڊي:  پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي کي قيدين جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.  

راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي عمران خان سان پي ٽي آءِ جي ڳالهين  واري ڪميٽي جي ٻن ميمبرن ملاقات ڪئي.

ملاقات ڪندڙن ۾ بيرسٽر علي ظفر ۽ سليمان اڪرم راجا شامل هئا، ڳالهين کان اڳ حتمي مشاورت مڪمل ڪئي وئي، انهي دوران پي ٽي آءِ باني قيدين جي آزادي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سليمان اڪرم راجا صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون، ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون. عمران خان سان ملاقات کان پوءِ ڳالهين واري ڪميٽي جا ميمبر اڊيالا جيل مان روانا ٿي ويا.

ياد رهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڪميٽين وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور اڄ ٿيندو. انهي کان اڳ 23 ڊسمبر پهرين ملاقات ۾ ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو هو.

حڪومتي ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُالله، نويد قمر، راجا پرويز اشرف، فاروق ستار، اعجازالحق ۽ خالد مگسي شامل آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان قائم ڪميٽي ۾ اسد قيصر، اعجاز چوڌري، حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس شامل آهن

Before the important round of negotiations with the government