ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل 10 لاءِ دستياب، رجسٽريش ڪرائي ڇڏي

لاهور : پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪرڪيٽ جي دنيا جي وڏن نالن جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي. آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر به پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 10هين ايڊيشن لاءِ موجود آهي.جارحاڻي آسٽريلوي بيٽسمين پي ايس ايل 10 جي رانديگرن جي ڊرافٽ لاءِ رجسٽرڊ ڪري ورتو آهي.واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي به اڄ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي.آسٽريليا جو ٽيسٽ وڪيٽ ڪيپر ايلڪس ڪيري به پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن ۾ ايڪشن ۾ نظر اچي سگهي ٿو.پاڪستان سپر ليگ جي رانديگرن جو ڊرافٽ 11 جنوري تي ٿيندو. پي ايس ايل جو ڏهين ايڊيشن اپريل ۾ ٿيندو.

David Warner PSL 10 Laws Available