اسلام آباد : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين حفيظ الرحمان جو چوڻ آهي ته اڄ پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته انٽرنيٽ جي بندش غلط آهي.سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر پلوشا خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ پي ٽي اي انٽرنيٽ جي خلل بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين پي ٽي اي چيو ته پي ٽي اي کي هر روز سوشل ميڊيا مواد جون 500 شڪايتون ملنديون آهن.هن چيو ته جڏهن پي ٽي اي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي مواد بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪري ٿي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم 80 سيڪڙو مواد بلاڪ ڪري ٿو.سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ايڪٽ ۾ ڪٿي لکيل آهي ته انٽرنيٽ کي ڪنهن خاص علائقي ۾ بلاڪ ڪيو وڃي.