اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
نئين سال جو سج، نئين آروز، نئين خواهشن ۽ نون خوابن سان اڀري ويو آهي. انهي موقعي تي ملڪ جي صدر نئين سال تي قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته دعا آهي ته نئون سال پاڪستاني قوم جي لاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کڻي اچي، اميد آهي ته نئون سال ترقي، خوشحالي ۽ عالمي سطح تي امن واستحڪام جو سال ثابت ٿيندو.
هن چيو ته ملڪ کي چيلنجز مان ڪڍڻ جي لاءِ يڪجهتي، نظم وضبط محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. نوجوانن کي موقعا ڏئي انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سرمائيڪاري ڪرڻي پوندي. پاڪستان کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
هن چيو ته گذريل سال جي ڪاميابين، ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سال جي شروعات تي عوامي خدمت، امن واستحڪام جي لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪريو