الوداع 2024: پاڪستان نئين اميدن ۽ خواهشن سان سال 2025 ۾ داخل

ڪراچي/اسلام آباد: پاڪستان ڏکين ۽ خوبصورت يادن سان سال 2024 کي الوداع ڪيو جڏهن ته شهرين نئين اميدن، ارادن ۽ خواهشن سان 2025 کي ڀليڪار چيو آهي. نئين سال جي موقعي تي گورنر هائوس ڪراچي ۾ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي.

دنيا جي مختلف ملڪن کان پوءِ رات جا 12 ٿيندي ئي پاڪستان ۾ به نئون سال 2025 شروع ٿي ويو، گهڙيال ۾ 12 ٿيندي ئي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ آتشبازي ڪئي وئي جنهن سبب آسمان مختلف رنگن سان چمڪي پيو جڏهن ته شهرين نئين سال جو جشن پڻ ملهايو. پاڪستانين کي اميد آهي ته سال 2025 عوام ۽ ملڪ جي بهتري جو سال ثابت ٿيندو جنهن ۾ ترقي جي نئين منزل کي حاصل ڪيو ويندو.

نئين سال جي حوالي سان ملڪ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ آتشبازي ۽ ميوزيڪل پروگرام منعقد ڪيا ويا، گورنر هائوس ڪراچي ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ آتشبازي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن کي ڏسڻ جي لاءِ عوام جو وڏو انگ گورنر هائوس پهتو.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري دعويٰ ڪئي آهي ته 40 منٽن تائين لاڳيتو آتشبازي ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ گورنر هائوس ۾ عالمي رڪارڊ قائم ٿيڻ تي عوام کي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته آتشبازي جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ٿيو، سنڌ کي هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ رکندڙ بنائي ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته سنڌ جي  گورنر ڪامران خان ٽيسوري نئين سال 2025ع جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ نئين سال جو جشن عالمي طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته لنڊن، پيرس ۽ نيويارڪ جيان ڪراچي ۾ به شاندار آتشبازي ڪئي ويندي. انهي کان علاوه سمورن صوبن ۾ سيڪيورٽي کي به الرٽ رکيو ويو جڏهن ته ڪراچي سميت سمورن وڏن شهرن ۾ پوليس هوائي فائرنگ ڪندڙن شهرين کي گرفتار پڻ ڪيو آهي.