پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو:ڊار

اسلام آباد : نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.اسلام آباد ۾ سفيرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبرشپ پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، آئون گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جو شڪر گذار آهيان.هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري لاءِ پرعزم آهي، غزه ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي سنگين آهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي.اسحاق ڊار چيو ته دنيا ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، دنيا هن وقت مسئلن ۽ چئلينجن جي ڪناري تي بيٺي آهي، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي.هن اهو به چيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.