آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچ دوران تماشائن جي وڏي انگ جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ميلبورن : آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچ دوران تماشائن جي وڏي انگ جو رڪارڊ ٽوڙيو ويو.ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٽيسٽ ميچ دوران سڀ وقت حاضري جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو.ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏي ويندڙ چوٿين ٽيسٽ ميچ 87 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.1937ع ۾ ايم سي جي ۾ 3 لک 50 هزار 34 تماشائي ميچ ڏٺو هو، پر آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن جي پهرين سيشن تائين 3 لک 51 هزار 104 تماشائي اچي چڪا آهن.تماشائن جو اهو رڪارڊ 1937ع ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ ۾ قائم ٿيو، آسٽريليا ڊان بريڊمن جي اڳواڻي ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏي.بارڊر گواسڪر ٽرافي جي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 87 هزار 242 تماشائي آيا.