نيويارڪ : ڇا اوهان پنهنجي اسمارٽ فون جي بيٽري جلد ختم ٿيڻ تي پريشان آهيو؟ گهڻا صارف هن مسئلي کي منهن ڏين ٿا، ۽ ان جو اهم ڪارڻ ڪجهه مشهور ايپس ٿي سگهن ٿيون.اينڊرائيڊ فونز ۾ موجود گوگل سروسز، جهڙوڪ گوگل ميپس، يوٽيوب، ۽ ڪروم، بيٽري تي تمام گهڻو اثر وجهنديون آهن، ڇاڪاڻتہ اهي گهڻو ڊيٽا ۽ لوڪيشن سروسز استعمال ڪن ٿيون. فهرست ۾ فيس بڪ ٻئي نمبر تي آهي، جنهن جا ڪيترائي فيچرز، جيئن اسٽوريز ۽ مارڪيٽ پليسم، بئڪ گرائونڊ ۾ هلڻ سبب بيٽري تي دٻاءُ وجهندا آهن. انسٽاگرام ۽ يوٽيوب جهڙيون ايپس به تصويرون ۽ وڊيوز جي سبب بيٽري تي اثر انداز ٿين ٿيون، خاص طور تي جيڪڏهن ايڇڊي وڊيو اسٽريم ڪئي وڃي. ايپس کان بيٽري بچائڻ لاءِ لوڪيشن سروسز ۽ غير ضروري پرمشنز کي بند ڪرڻ، ۽ نوٽيفڪيشن ٽرن آف ڪرڻ جا قدم کڻي سگهجن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن ايپ جا مسئلا جاري رهن، ته ان کي ڊيليٽ ڪرڻ بهتر آهي. فون ۾ موجود بيٽري سيونگ موڊز ۽ بئڪ گرائونڊ ڊيٽا بند ڪرڻ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.