پاڪستان ۾ فوجي عدالت طرفان 25 شهرين کي سزا ملڻ تي ڳڻتي

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۾ فوجي عدالت طرفان 25 شهرين کي سزا تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني شهرين کي فوجي عدالت 9 مئي جي احتجاج ۾ ملوث هجڻ جي سزا ٻڌائي هئي.فوجي عدالتن ۾ عدالتي آزادي، شفافيت ۽ انصاف جي ضمانت نه آهي. ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اختيارين کي آئين ۾ ڏنل فيئر ٽرائل ۽ انصاف جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.

There will be no compromise on the nuclear program