يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي

تل ابيب : يمن کان حوثي باغين اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب تي ميزائل حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا.اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اسرائيل جو فضائي دفاعي نظام يمن مان فائر ڪيل ميزائل کي روڪڻ ۾ ناڪام ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب يمن طرفان تل ابيب تي ميزائل حملي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا،تل ابيب تي ميزائل حملي کانپوءِ حوثي اهلڪار حازم الاسد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل جي سمورن دفاعي نظام جي ناڪامي جو مطلب آهي ته صهيوني دشمن جي دل هاڻي محفوظ نه رهي آهي، اربين ڊالرن جي لاڳت سان تيار ڪيل دفاعي نظام. هاڻي مفيد نه آهي،ٻئي طرف يمن مان اسرائيل تي حملي کانپوءِ صهيوني وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته جڏهن اسان حوثي باغين تي حملو ڪندا آهيون ته سڄي دنيا جي طرفان ڪري رهيا آهيون، آمريڪا ۽ ٻيا اتحادي چڱي ريت ڄاڻن ٿا.

Houthi missile attack on Tel Aviv from Yemen