اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب فوجي عدالتن پاران سزائن جي اعلان تي ردعمل ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ عمر ايوب چيو ته فوجي عدالت مان شهرين خلاف سزائون رد ڪن ٿا.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن، قيدي عام شهري آهن، فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي نه ٿو سگهي.