آمريڪي پابندين جو پاڪستان تي ڪوبه اثر نه پوندو: مليحا لوڌي

اسلام آباد: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته آمريڪي پابندين جو پاڪستان تي ڪو به اثر نه پوندو،ان موقعي تي ڳالهائيندي مليحا لوڌي چيو ته آمريڪا جون پابنديون ڪا نئين ڳالهه نه آهن ۽ اهڙين ڳالهين جو پاڪستان تي ڪو به اثر ناهي، جڏهن کان پاڪستان ائٽمي پروگرام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا پابنديون لاڳو ڪيون. هن چيو ته آمريڪا ڀارت تي اهڙيون پابنديون ڪڏهن به نه لڳايون آهن.هنن جو ميزائل پروگرام انتهائي ترقي يافته آهي، هي آمريڪا جو تعصب وارو رويو آهي، انهن پابندين جو پاڪستان تي صفر اثر پوندو.مليحه لوڌي چيو ته پاڪستان آمريڪا جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي ۾ چين کي اهميت ملندي، جڏهن کان آمريڪا افغانستان مان نڪري ويو آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڇڪتاڻ تي اچي ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ڪو به پاڪستاني آمريڪا جي پاڪستان خلاف تعصب جي حمايت نٿو ڪري سگهي، پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي ڪا به سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ٿي سگهي ٿي ۽ نه ٿيڻ گهرجي.