اسلام آباد: حڪومت وڪيلن جي تحفظ لاءِ سموري پاڪستان ۾ خصوصي عدالتون جوڙي ڇڏيون آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
قانون واري وزارت وفاق ۽ چئني صوبن ۾ خصوصي عدالتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب عدالتون لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2023 جي تحت قائم ڪيون ويون آهن.
قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو قدم هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبان جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويو آهي. وڪيلن کي حراسان ڪرڻ يا وڪيلن تي حملو ڪندڙن جون ٽرائل خصوصي عدالتن ۾ ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب خيبرپختونخواهه ۾ سينئر ترين ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ سينئر سول جج ايڊمن کي اختيار ڏنا ويا آهن. پنجاب جي هر ضلعي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج 1 ۽ سينئر سول جج وڪلا پروٽيڪشن ايڪٽ جي تحت ڪيس ٻڌندا.
اسلام آباد ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ۽ سينئر سول جج ايسٽ ويسٽ کي اختيار ڏنا ويا آهن. سنڌ صوبي جي هر ضلعي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج 1 خصوصي عدالتن جي تحت ڪيس ٻڌڻ جا اختيار رکندا. قانون واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي هر ضلعي جا سيشن ججز ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ کي خصوصي عدالتن جا اختيار حوالي ڪيا ويا آهن.