پشاور ۾ پابندي مڙهيل تنظيم الاحرار جا 4 دهشتگرد گرفتار

پشاور: پشاور پوليس ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار جي 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب پشاور  پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار دهشتگردن جي نشاندهي تي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث  وڌيڪ 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار سمورن دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم الاحرار سان آهي.

پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران گرفتار دهشتگردن مختلف ڏوهاري سرگرمين ۽ ڀته خوري ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي جڏهن ته جوابدارن جي قبضي مان دستي بم به هٿ ڪيا ويا آهن