چيني وفد جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات، ميڊيڪل سٽي جي قيام لاءِ 1 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ۾ دلچسپي

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري سان بلاول هائوس ۾ چين جي ڪاروباري وفد جي ملاقات ٿي جنهن ۾ چين جي ڪاورباري وفد ملڪي صحت واري شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ ميڊيڪل سٽي جي قيام لاءِ 1 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ چين جي ڪونسل جنرل شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ چيني سرمائيڪاري وڌائڻ تي زور ڏنو.

صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام خاص طور تي سرمائيڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. چيني وفد معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينو فيڪچرنگ ۾ سرمائيڪاري ۾ دلچسپي جو به اظهار ڪيو.

صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين جا اهم معاملن تي گڏيل مفاد ۽ خيال آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي آهي.

آصف علي زرداري چيو ته گوادر پورٽ کي هڪ علاقائي واپاري ۽ اقتصادي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ منهنجو وزن هو. گوادربندر گاهه کان نه صرف علائقائي رابطا بهتر ٿيندا پر علاقائي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي به هٿي ملندي.

هن چيو ته پاڪستان چيني سرمائيڪارن کي ڀليڪار چوندو. پاڪستان چين سان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو. پاڪستان چيني سرمائيڪارن کي هر ممڪن سهوليت ۽ مدد ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر آصف زرداري چيو ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن. چيني زبان جا ڪورسز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بنائڻ طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.