انٽرنيٽ جي سست رفتاري خلاف درخواست: لاهورهاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ جي سست رفتاري خلاف درخواست تي پي ٽي اي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس اقبال چوڌري جوڊيشل ايڪٽو ازم پينل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست ڪرڻ جي قدم کي چيلينج ڪيو ويو.

درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار انتهائي سست آهي، انهي جي ڪري شهري تمام گهڻا پريشان آهن، انٽرنيٽ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته انٽرنيٽ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، سست رفتاري سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جو عالمي سطح تي 198 نمبر آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ جي سست رفتاري خلاف درخواست تي پي ٽي اي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو  جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.