ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 8 ڪروڙ، 62 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) پاڪستان کي 8 ڪروڙ 62 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب رقم پاڪستان کي ترقياتي قرض جي مد ۾ ڏني ويندي، رقم ايوي ايشن فيول جا ذخيرا مستحڪم بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي، شيخوپوره ۾ ايوي ايشن فيول جو نجي ذخيرو قائم ڪيو ويندو.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رقم انفراسٽرڪچر قرض جي سلسلي ۾ ڪلائميٽ سپورٽ جي تحت فراهم ڪئي ويندي، ياد رهي ته 3  مهينا اڳ به ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر مساستسو گواسا ڪاوا پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالرز جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. اي ڊي پي جي صدر اهو اعلان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جي دوران ڪيو هو.

The Asian Development Bank has announced to give 8 million