عالمي اردو ڪانفرنس اڄ کان شروعات ، ٽريفڪ پلان جاري

ڪراچي : آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ جي اي او جي سهڪار سان اڄ کان چار ڏينهن واري عالمي اردو ڪانفرنس شروع ٿيندي، ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب يو ايم سي اي گرائونڊ ۾ منعقد ڪئي وئي آهي، پوليس عوام جي سهولت لاءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي.چار ڏينهن واري 17هين عالمي اردو ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب اڄ شام 5 وڳي يو ايم سي گرائونڊ ۾ ٿيندي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه خاص مهمان هوندو.ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا، آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ 64 سيشن ٿيندا، سيشن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي فائدن ۽ نقصانن تي بحث ڪيو ويندو.تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڏي انگ ۾ ڪرسيون لڳايون ويون آهن جڏهن ته اسٽيج پڻ تيار ڪيو ويو آهي، آرٽس ڪائونسل جو صدر محمد احمد شاهه استقباليه تقرير ڪندو جڏهن ته اهم تقرير حميد هارون ڪندو.تقريب ۾ آرٽس ڪائونسل جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيا ويندا ۽ ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.ٻئي سيشن ”مين هون ڪراچي“ ۾ انور مقصود، تابش هاشمي ۽ وسيم بادامي ڳالهائيندا.عالمي اردو ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کان اڳ وائي ايم سي اي گرائونڊ ۽ ان جي چوڌاري ٽريفڪ جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن.ٽريفڪ پوليس جي اعلان موجب عالمي اردو ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کان پوءِ ايم آر ڪياني چوڪ کان ايوان صدر روڊ شام 4 وڳي کان رات 9 وڳي تائين بند رکيو ويندو.سنڌ اسيمبلي جي اني والا روڊ ڪورٽ روڊ کان مسجد اهل حديث روڊ به بند رهندو، جڏهن ته پريس ڪلب چوڪ کان اعوان صدر روڊ، پريس ڪلب چوڪ کان دين محمد وفائي روڊ ۽ شاهين ڪامپليڪس کان ايم آر ڪياني چوڪ تائين ڪمرشل گاڏين کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي. سرور شهيد روڊ تي پولو گرائونڊ، سنڌ اسيمبلي جي سامهون ۽ فيضي لائبريري جي سامهون يوم سي اي اردو ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙن لاءِ پارڪنگ جا انتظام ڪيا ويا آهن

International Urdu conference starts today