سخت عوامي ۽ پارليماني رد عمل بعد مارشل لا جو حڪم واپس

سيول: ڏکڻ ڪوريا مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري صدارتي حڪم کي پارليمان مان رد ڪرڻ ۽ سخت عوامي رد عمل بعد چند ڪلاڪن اندر صدر پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن اپوزيشن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر لي جائي ميونگ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي اعلان بعد پارليامينتيرينز کي فور ي پارليامينٽ هائوس پهچڻ ۽ عوام کي احتجاج جي اپيل ڪئي. ان دوران فوج پارليامينٽ جو گهيرائو ڪري چڪي هئي، 300 ميمبرن واري پارليامينٽ جا 190 ميمبر ايمرجنسي ۾ پارليامينٽ پهتا رڪاوٽون ٽوڙي زوري پارليامينٽ هائوس ۾ پهتا، ڪيترائي ميمبر ڀت ۽ ڪنڊيدار تارن مٿان ٽپا ڏئي اندر داخل ٿيا ۽ صدارتي فرمان کي رد ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو. ڏکڻ ڪوريا جي قانون موجب جيڪڏهن پارليامينٽ مارشل لا جي حڪم کي رد ڪري ته اهو خود بخود رد ٿي ويندو آهي. فوجي هيليڪاپٽر پارليامينٽ جي ڇت تي پهتا ۽ نقاب پوش فوجين پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته عملي کين فائر فائيٽنگ اوزارن سان کين روڪيو. ان دوران هزارين ماڻهو پڻ پارليامينٽ پهتا ۽ صدر خلاف نعريبازي ڪئي ۽ مارشل لا کي رد ڪرڻ جا نعرا هنيا. مقامي ميڊيا موجب پارليامينٽ پاران صدارتي حڪم رد ڪرڻ ۽ عوامي مزاحمت سبب صدر پنهنجو حڪم واپس ورتو. مئي 2022 ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي صدر يون سوڪ يول صدر ٿيو هو جنهن بعد ٿيل عام چونڊن م سندس پارٽي هارائي وئي هئي. اپوزيشن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽير اڪثريت سان ڪامياب ٿي هئي. صدر جي زال تي مهنگا تحفا پاڻ وٽ رکڻ ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪرپشن جا الزام پڻ صدر تي لڳا هئا. جنهن بعد هن معافي ته ورتي هئي پر زال جي احتساب جو مطالبو رد ڪيو هو. اپوزيشن هاڻي سندس احتساب عهدي تان هٽائڻ جي تياري ڪري رهي آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته صدر جي ڪنزرويٽو پاور پارٽي جي سربراهه به مارشل لا جي حڪم کي رد ڪندي بيان جار ي ڪيو ته صدر جو فيصلو غلط آهي. ياد رهي ته 1979 ۾ ڏکڻ ڪوريا م مارشل لال لاڳو ڪيو ويو هو جنهن بعد آرمي چيف پارڪ چنگ کي قتل ڪيو ويو هو ۽ 1987 ۾ جمهوريت بحال ڪئي وئي هئي.

After strong public and parliamentary backlash