دبئي : انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي چيئرمين گريگ بارڪلي جي مدي ۾ هڪ هفتي جي واڌ جو امڪان آهي.آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي جو مدو 30 نومبر تائين هو.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪريٽري جئي شاهه پهرين ڊسمبر تي آءِ سي سي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ وارو هو.واضح رهي ته جئي شاهه بنا مقابلي آءِ سي سي جو چيئرمين چونڊيو ويو هو.آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي آگسٽ ۾ استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.