نيويارڪ : ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ هاڻي گيمنگ جي دنيا ۾ به قدم رکي ڇڏيو آهي. ايڪس ( ٽوئيٽر ) تي ايلون مسڪ هڪ نئين گيمنگ اسٽوڊيو جي مهورت جو اعلان ڪيو، جنهن جو مقصد مائيڪرو سافٽ ۽ سوني جهڙين ڪمپنين کي گيمنگ جي ميدان ۾ ٽڪر ڏيڻ چاهي ٿو. بنيادي طور ايلون مسڪ جو مقصد گيمنگ جي دنيا ۾ اهم تبديليون آڻڻ آهي، سندس خيال آهي ته گيمنگ انڊسٽريءَ جي موجدا حالت افسوس جوڳي آهي، جنهن ۾ معيار بدران سياست تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي. ايلون مسڪ ٻڌايو ته هو گيمنگ جي دنيا کي ٻيهر بهتر بڻائڻ چاهي ٿو ۽ سندس خواهش آهي ته گيمز ۾ تفريح ۽ تنوع تي ڌيان ڏنو وڃي.