اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس جي هڪ لک پوائنٽس کان مٿي وڃڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن اهم منزل کي ڪراس ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي معاشي ٽيم ۽ ٻيون اختياريون تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته اها حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري ڀائرن ۽ سرمائيڪارن جي ڀروسي جي عڪاسي آهي. استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پر مان قوم سان واعدو ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني. الله جي فضل وڪرم سان قرباني رائيگان نه وئي. ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي، وياج جي شرح 15 سيڪڙو ناڻي جي مٽاسٽا رڪارڊ سطح تي پهچي چڪي آهي.
شهباز شريف چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ساڳئي طريقي سان محنت ڪندا رهنداسين ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
ياد رهي ته اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي تيزي ڏسڻ ۾ آئي، انڊيڪس شروع کان ئي 790 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک جي حد ڪراس ڪري ورتي.