واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.لبنان ۾ جنگبندي تي عمل اڄ پاڪستاني وقت موجب صبح 7 وڳي کان ٿيندو.آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله جنگ بندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي.صدر بائڊن چيو ته معاهدو دشمني کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.