ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو، 24 نومبر تائين عوامي اجتماعن ۽ احتجاجن تي پابندي

ڪراچي: ڪراچي ۾ انٽرنيشنل ڊفينس ايگزبيشن اينڊ سيمينار(آئيڊياز) کي نظر ۾ رکندي 24 نومبر تائين شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت عوامي اجتماعن ۽ احتجاجن تي پابندي لاڳو هوندي.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت ڪراچي ۾ 7 ڏينهن جي لاءِ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي اجتماع تي پابندي هوندي جڏهن ته شهر ۾ 18 کان 24 نومبر تائين احتجاج يا ڌرڻن جي اجازت نه هوندي

نوٽيفڪيشن موجب دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جي موقعي تي حفاظتي قدمن جي تحت مظاهرن ۽ ريلين تي پابندي آهي. دفاع واري وزارت ۽ ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن(ڊيبو) جي اهتمام ٿيندڙ دفاعي نمائش جي شروعات اڄ کان ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي وئي آهي جيڪا 22 نومبر تائين جاري رهندي.

ملندڙ رپورٽن موجب نوٽيفڪيشن 18 نومبر تي ڪراچي ڊويزن ڪمشنر آفيس طرفان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل(اي آءِ جي) جاويد اختر اوڍو جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته عوامي اجتماع آئيڊياز 2024 ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ پرڏيهي مهمانن جي سيڪيورٽي لاءِ رسڪ پيدا ڪري سگهن ٿا.  ان ڪري ڪمشنر سيد حسن نقوي ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ سومر کان 7 ڏينهن تائين ڪنهن به قسم جي احتجاج، مظاهري، ڌرڻن، ريلين ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي مڪمل پابندي لڳائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن

Section 144 imposed in Karachi