راولپنڊي: بنون ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 خوارج مارجي ويا جڏهن ته 12 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر تي خوارج ضلعي بنون جي علائقي ملي خيل ۾ هڪ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 خوارج مارجي ويا.
سيڪيورٽي فورسز جي بهتر مزاحمت سبب خوارج چيڪ پوسٽ ۾ داخل نه ٿي سگهيا جنهن تي هنن بارود سان ڀريل هڪ گاڏي کي چيڪ پوسٽ جي ٻاهرين ڀت سان ٽڪرائي ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڀت جو هڪ حصو پٽ پئجي ويو ۽ چوڌاري جو انفرااسٽرڪچر به متاثر ٿيو.
آپگهاتي ڌماڪي ۾ 12 بهادر جوان شهيد ٿي ويا جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 2 فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شامل آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي اهڙي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن اسان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.
صدر آصف علي زرداري بنون ۾ خوارجي دهشتگردن جي حملي ۾ 12 جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو ارادو ڪيو ۽ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي لاءِ دعا ڪئي. صدر شهيدن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن شهادت ماڻيندڙ 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي بهادر جوانن حياتين جون قربانيون ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائي ڇڏيو. ملڪ ۾ امن جي لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن.