اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ ملتوي ڪيو ويو.ذريعن موجب نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.سڀاڻي اجلاس ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ، ڊي جي آءِ بي، سمورن صوبن جا وڏا وزير، اهم وفاقي وزير ۽ ٻيا ميمبر شرڪت ڪندا. نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن خاص طور تي عوامي امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي صورتحال، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ رابطا بهتر بڻائڻ ۽ انٽيليجنس معلومات جي موثر شيئرنگ تي به غور ڪيو ويندو.