ميڪسيڪو: سال 2024 جو مس يونيورس جو تاج ڊينمارڪ جي سُندري کٽي ورتو آهي. ڇنڇر جي رات ميڪسيڪو سٽي ۾ سالياني حسن جي فائنل مقابلن جو اعلان ٿيو جنهن ۾ مختلف ملڪن جي سُندرين شرڪت ڪئي. مقابلي جي شروعات خميس کان شروع ٿي هئي جنهن کان پوءِ 120 سُندرين مان 30 کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو.جنهن کان پوءِ پنج فائنل اميدوارن مان ڊينمارڪ جي 21 ورهين جي وڪٽوريه ڪجر تهيل ويگ کي مس يونيورس 2024 قرار ڏنو ويو. اها اهو مقابلو کٽيندڙ پهرين ڊينش سُندري آهي. نائيجيريا جي چيڊيما ايڊينشينا ٻئين، ميڪسيڪو جي ماريا فرنينڊا ٽئين ۽ ٿائيلينڊ جي سچتا چوانسگري چوٿين نمبر تي آهن.وينزويلا جي 28 ورهين جي اليانا مارڪيز پيڊروزا(جيڪا هڪ ماءُ به آهي) پنجين پوزيشن حاصل ڪري تاريخ لکي ڇڏي. جڏهن ته مالٽا جي بيٽريس نجويا پهرين عورت بڻجي وئي آهي جيڪا 40 سالن کان وڌيڪ عمر ۾ گرينڊ فائنل تائين پهتي.ياد رهي ته هن سال مس يونيورسٽي جي 72 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 28 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورتن کي به مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي. مس يونيورس آرگنائيزيشن حسن جي مقابلي لاءِ عمر جي حد، ڳورهاري عورتن، مائرن يا شادي شده عورتن تي پابندي کي گذريل سال ختم ڪري ڇڏيو هو.مقابلي ۾ بيلاروس، اريٽيريا ۽ متحده عرب امارات سميت ڪيترن ئي ملڪن پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي.