ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جو آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 118 رنسن جو ٽارگيٽ

هوبارٽ: ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان کي آخري ٽي ٽوئنٽي لاءِ آرام ڏنو ويو آهي جڏهن ته سلمان علي آغا ٽيم جي ڪپتاني ڪري رهيو آهي جڏهن ته حسيب الله وڪيٽ ڪيپر هوندو.ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ سلمان علي آغا، صاحبزاده فرحان، بابر اعظم، حسيب الله، عثمان خان ۽ محمد عرفان پلينگ اليون ۾ شامل آهن.ان کان علاوه عباس آفريدي، شاهين شاهه آفريدي، جهانداد خان، حارث رئوف ۽ سفيان مقيم به ٽيم جو حصو آهن.