نيويارڪ : واٽس ايپ سڄي دنيا ۾سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ميسجنگ پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي واهپيدار روزانو ڪروڙين پيغام هڪٻئي ڏانهن اُماڻيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان تڙتڪڙ ۾ دوستن جا اهم پيغام يا وري سندن پوري چيٽ هسٽري ئي ڊليٽ ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ وري سندن پيغام ٻيهر ري اسٽور ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهيون. خوش قسمتيءَ سان ڊليٽ ڪيل واٽس ايپ چيٽس کي آساني سان بحال ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ اوهان وٽ واٽس ايپ ڊيٽا جو بيڪ اپ هجڻ ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن اوهان جي گوگل ڊرائيو تي واٽس ايپ چيٽس جو بيڪ اپ ٺهي رهيو آهي ته اوهان سولائيءَ سان پنهنجي ڊيلٽ ڪيل چيٽس بحال ڪري سگهو ٿا.
گوگل ڊرائيو تي واٽس ايپ ميسجز جو بيڪ اپ ڪيئن ٺاهيو وڃي؟
واٽس ايپ ميسجز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گوگل ڊرائيو تي انهن ميسجز جو بيڪ اپ ڏنل هدايتن تي ٺاهيو. واٽس ايپ کوليو ۽ ساڄي پاسي موجوڊ ٽن نقطن تي ڪلڪ ڪريو، هاڻي سيٽنگ ۾ وڃي چيٽس تي ڪلڪ ڪريو ۽ گوگل ڊرائيو ۾ بيڪ اپ کي سليڪٽ ڪريو. هاڻي پنهنجي گوگل اڪائونٽ کي لنڪ ڪريو جتي اوهان پنهنجي واٽس ايپ بيڪ اپ کي اسٽور ڪرڻ چاهيو ٿا، سمورا آپشنز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ، بيڪ اپ اوهان جي خواهش مطابق ٺهڻ شروع ٿي ويندو.
گوگل ڊرائيو تان ڊليٽ ڪيل واٽس ايپ پيغامن کي بحال ڪيئن ڪجي؟
جيڪڏهن ڪائي چيٽ اوهان کان غلطي سبب ڊليٽ ٿي وئي آهي ۽ اِها پنهنجي گوگل ڊرائيو بيڪ اپ تان بحال ڪرڻ چاهيو ٿا ته هيٺ ڄاڻايل طريقو اپنايو. واٽس ايپ چيٽ بحال ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجي سمارٽ فون ۾ موجود واٽس ايپ اَن انسٽال ڪري ڇڏيو، هاڻي گوگل پلي اسٽور تان واٽس ايپ کي ٻيهر انسٽال ڪريو ۽ انسٽاليشن کانپوءِ واٽس ايپ تي وڃو ۽ پنهنجي فون نمبر جي تصديق ڪريو. ايپ اوهان جو نمبر تصديق بعد پاڻمرادو گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪيل ڪنهن به اڳوڻي بيڪ اپ جو پتو لڳائي وٺندي جنهن کانپوءِ اوهان کي هڪ پيغام ذريعي اشارو ڪيو ويندو جنهن ۾ پڇيو ويندو ته ڇا اوهان پنهنجي چيٽ کي ري اسٽور ڪرڻ چاهيو ٿا؟ان کانپوءِ اوهان ري اسٽور ڪلڪ ڪريو ۽ پراسيس مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪريو، پراسيس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اوهان جا ڊليٽ ٿيل پيغام بحال ٿي ويندا.