عمران خان جي خواهش باوجود فوج ڳالهين لاءِ تيار نه آهي: برطانوي اخبار

اسلام آباد: برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيد باني عمران خان جي خواهش باوجود فوج جو ڪنهن به قسم جي ڊيل جو ڪوبه ارادو نه آهي، نه ئي وري فوج ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي.

برطانوي اخبار گارجين جي رپورٽ موجب سينئر عسڪري ذريعن ٻڌايو ته فوج جو عمران  خان سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين يا ڊيل جو ڪوبه ارادو نه آهي. جڏهن ته عمران خان جيل مان ئي عسڪري قيادت سان ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.

گارجين ٻڌايو ته اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان سان صحافين جي ملاقات تي پابندي آهي پر گارجين پنهنجا سوال انهن جي قانوني ٽيم جي ذريعي اماڻي ڇڏيا هئا. عمران خان سوالن جي جواب ۾ چيو ته گذريل سال آگسٽ ۾ قيد کان پوءِ ئي فوج سان سڌو سنئون ڪابه ملاقات نه ٿي آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ جيل ۾ وجهڻ ۾ ڪردار جهڙا الزام لڳائڻ جي باوجود پاڪستان جي طاقتور عسڪري اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي. برطانوي اخبار کي هن ٻڌايو ته فوج سان ڊيل جي حوالي سان ڪابه ملاقات، اصولن ۽ عوام جي مفاد جي بنياد تي هوندي ۽ اها ملاقات ذاتي مفاد يا ڪمپرومائز  ڪرڻ جي لاءِ نه هوندي جنهن سان پاڪستان جي جمهوريت کي نقصان پهچي.

عمران خان چيو ته هڪ سويلين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل جو واحد سبب صرف اهوئي ٿي سگهي ٿو ته ڪابه ٻئي عدالت مون کي سزا نه ڏيندي ۽ اهو فيصلو خطرناڪ هوندو. جيل ۾ سهولتون ڏيڻ جي حڪومتي دعوائن کي رد ڪندي هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ رکيو ويو آهي جو خوف، اڪيلائپ ۽ منهنجي حوصلي کي ٽوڙڻ جي لاءِ مختلف شيون ترتيب ڏنيون ويون آهن.

Despite Imran Khan's wishes