لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) گري ڪرسٽن سان ڇڪتاڻ ۽ تلخ تجربي کانپوءِ پرڏيهي هيڊ ڪوچز کي هٽائڻ چاهي ٿو. واضح اشارا مليا آهن ته ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي جو معاهدو جلد ختم ڪيو ويندو. ٽنهي فارميٽس ۾ پاڪستاني هيڊ ڪوچ جي مقرري تي غور شروع ڪيو ويو آهي.ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته گري ڪرسٽن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان جنهن طرح ڊيل ڪيو اهو تجربو اختيارين جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي.ان حوالي سان چيو پيو وڃي ته پاڪستاني هيڊ ڪوچ کي زمبابوي جي دوري ۾ مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب اها تجويز غور هيٺ آهي ته پاڪستاني هيڊ ڪوچ سان گڏ سپورٽ اسٽاف ۾ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچ به پرڏيهي هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ڪوچ وڌيڪ جارحيت پسند آهن، اهي اڪثر پي سي بي آفيسرن کي بليڪ ميل ڪندا آهن.جيسن گلسپي به ڪجهه شرطن تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پي سي بي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس خبردار ڪيو ويو ته سندس مقرري عبوري مدت لاءِ آهي، ذريعن موجب زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ وائيٽ بال جي هيڊ ڪوچ جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.ماضي ۾ وقار يونس، مصباح الحق، ثقلين مشتاق ۽ محمد حفيظ پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ پينل جي سربراهي ڪري چڪا آهن پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هميشه پرڏيهي ڪوچز کي اهميت ڏني آهي.