ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي

لاهور: لاهور ۾ ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو ٿي وئي.ايل پي جي ڊيلرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين موجب ايل پي جي جي بليڪ مارڪيٽنگ جاري آهي، انتظاميه ڪنهن خلاف به ڪارروائي نه ڪري رهي آهي.چيئرمين ايل پي جي ڊيلرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته ايل پي جي سرڪاري اگهه تي ڪٿي به دستياب ناهي، حڪومت گيس مافيا آڏو بيوس بڻجي وئي آهي.انجمن جي اڳواڻ چيو آهي ته جبل وارن علائقن ۾ گئس 400 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.