غزه : اسرائيلي فوج جي وچ غزه ۽ ڀرپاسي ۾ بمباري ۽ ڊرون حملا جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد ۽ 182 زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا موجب، صيهوني فورسز بي گهر فلسطينين تي بم ڪيرايا، جڏهن ته شجاعيه ڪيمپ تي بمباري سبب 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا جوچوڻ آهي ته يهودي فوج زيتون محلي ۽ جباليه ڪيمپ تي گولا باري ڪئي جنهن سبب شهادتن جو خدشو آهي.عرب ميڊيا موجب، بيت المقدس ۾ اسرائيلي آبادڪارن فلسطيني شهرين جي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي.عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ مجموعي انگ 43 هزار 712 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 3 هزار 528 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.ٻئي پاسي لبنان تي اسرائيلي فورسز حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن.بيروت جي ڀرپاسي ۾ اسرائيلي فضائيه 12 هوائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ رهائشي عمارتون، واپاري مرڪز، اسڪول ۽ اسپتالون تباهه ٿي ويون.لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 3 هزار 287 شهري شهيد ۽ 14 هزار 222 زخمي ٿي چڪا آهن.ٻئي پاسي ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان ويڙهه دوران 6 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جنهن جي اسرائيلي فوج جي ترجمان طرفان تصديق ڪئي وئي آهي.