توشه خانه 2 ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون بريت واريون درخواستون رد

راولپنڊي: توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي بريت واريون درخواستون رد ڪيون ويون آهن.

توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت وارين درخواستن تي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي. عدالت بريت جي درخواستن تي اڳ کان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 18 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته عدالت توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت واري درخواست تي فيصلو 8 نومبر تي محفوظ ڪيو هو.

قومي احتساب بيورو(نيب) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ 13 جولاءِ 2024 تي گرفتار ڪيو ويو هو.

نيب ذريعن موجب بطور وزيراعظم جي طور تي پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي توشه خانه کان تحفا حاصل ڪيا، تحفا گهٽ قيمت تي حاصل ڪري مهانگي اگهن تي وڪرو ڪيا ويا.