انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو

ڪراچي : انٽر بئنڪ ٽريڊ دوران اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 8 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا سستو ٿيڻ بعد 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 93 پيسا تي هو.ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مخلوط ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو، جيڪو بعد ۾ مثبت رخ ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 359 پوائنٽس وڌي 93583 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 93 هزار 224 پوائنٽس تي بند ٿيو.