يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو

دنيا جي سڀ کان وڏي وڊيو شيئرنگ ايپ يوٽيوب ۾ نئين کي اڪثر واهپيدارن بدترين قرار قرار ڏئي ڇڏيو.
اينڊرائيڊ اٿارٽي جي هڪ رپورٽ موجب، يوٽيوب جي موبائيل ايپ ۾ هڪ اهڙي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا وڊيوز ڏسڻ جي تجربي کي بدلائي ڇڏيندي.
واضح رهي ته ٽِڪ ٽاڪ سڄي دنيا ۾ وڊيوز ڏسڻ جو انداز بدلائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وڊيوز ڏسڻ لاءِ سوئيپ اپ ڪيو ويندو آهي.
ٽِڪ ٽاڪ مان متاثر ٿي يوٽيوب شارٽس ۾ اِهو طريقو آزمايو ويو، هاڻي وري گوگل جي وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم جي ٻين horizontal وڊيوز ۾ اسڪرولنگ لاءِ به اِهو طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي.
يوٽيوب طرفان ان طريقيڪار جي ٽيسٽ اسٽينڊرڊ وڊيو پليئر ۾ شروع ڪئي وئي آهي.
ڪمپني طرفان اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ ان تبديلي جي آزمائش محدود واهپيدارن لاءِ ڪئي پئي وڃي.
في الحال يوٽيوب ايپ جي فل اسڪرين موڊ تي هيٺ سوئيپ ڪرڻ سان ورٽيڪل فل پيج موڊ ڪمينٽس ۽ ٻيا آپشنز کُلي ويندا آهن.
اهڙي ريت مٿي سوئيپ ڪرڻ سان، ريڪومينڊڊ وڊيوز جو آپشن سامهون ايندو آهي يا پڪچر موڊ ان ايبل ٿي ويندو آهي.
رپورٽ موجب، نئين تبديلي کانپوءِ هاڻي مٿي سوئيپ ڪرڻ تي هڪ کان ٻي وڊيوز ۾ منتقل ٿيڻ ممڪن هوندو، جڏهن ته فل اسڪرين مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ايگزٽ بٽڻ برقرار رکيو ويو آهي.
اڪثر واهپيدارن يوٽيوب جي نئين تبديليءَ کي تاريخ جي بدترين تبديلي قرار ڏنو آهي.