جيسين آئيني بئنچ نه ويهي، ڇا اسان غير آئيني آهيون ؟ شاهه

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هن وقت آئيني بينچ موجود ناهي ته پوءِ جيڪا بينچ ويٺي آهي ان سان ڇا ڪيو وڃي؟ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٽيڪس اوڳاڙين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اهو ڪيس آئيني بينچ ٻڌندي، اسان ڪيس جي ٻڌڻي باقاعده بينچ ۾ ڪري رهيا آهيون.آئيني بئنچ جو ذڪر ڪرڻ تي جسٽس منصور شاهه چيو ته هن وقت آئيني بينچ ناهي ته پوءِ جيڪا بينچ ويٺي آهي ان سان ڇا ڪجي؟ ڇا اسان غير آئيني آهيون جيستائين آئيني بئنچ نه ٿي ٺهي؟سندس چوڻ هو ته جيستائين آئيني بينچ نه ٿيندي تيستائين آئيني ڪيس نه ٻڌا ويندا، هي ڪيس ٻڌڻ جي باوجود به اسان کان ڪو پڇڻ وارو ناهي؟اهو سوال بار بار اڀري رهيو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي آئيني بينچ ڪندي يا ريگيولر بينچ ڪندي،جسٽس منصور سواليه انداز ۾ رمارڪس ڏنا ته ڪيس جو فيصلو به ڪيو ته ڇا ٿيندو؟ اسان کي ڪير روڪيندو؟ جيڪڏهن نظر ثاني اسان وٽ ايندي ته چونداسين ته اسان جو دائرو اختيار آهي، ريگيولر بينچ آئيني ڪيسن جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، وڪيلن جي مدد به نه ٿي اچي،جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 2 اي موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي فيصلو ڪندي ته ڪيس جي ٻڌڻي آئيني بينچ ڪندي يا ريگيولر بينچ ڪندي، ان ۾ وقت لڳندو.بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Until a constitutional bench sits