اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ ثالثي جي ڪردار کي معطل ڪرڻ جو فيصلو

رياض : خليجي رياست جي پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته قطر اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهين ۾ ثالث جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ واري عمل کي ان وقت تائين معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيستائين ڳالهين ۾ شامل ڌريون سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪنديون،اي ايف پي جي رپورٽ موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته قطر 10 ڏينهن اڳ اسرائيل ۽ حماس کي آگاهه ڪيو هو ته جيڪڏهن ان دوران ڪنهن معاهدو نه ٿيو ته قطر ڌرين وچ ۾ ثالثي جي ڪوشش ڪندو،هڪ سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته حماس ۽ اسرائيل ”نيڪ نيتي“ سان ڳالهين لاءِ تيار نه هئا جڏهن قطر طرفان ثالث طور واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو،ٻئي طرف غزه ۾ جنگ بند ٿيڻ جا ڪي به نشان نه آهن، سول ڊفينس ايجنسي ڪالهه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي هوائي حملن ۾ 14 فلسطيني مارجي ويا آهن.