سروسز چيفس جو مدو 5 سال هوندو، وقتي صدر جي صحيح سان سمورا بلز قانون بڻجي ويا

اسلام آباد: وقتي صدر يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظور 6 بلز تي صحيحون ڪري ڇڏيون جنهن سان گڏ ئي سمورا بلز قانون بڻجي ويو.

ذريعن موجب وقتي صدر آرمي ايڪٽ ترميمي بل، نيوي ايڪٽ ترميمي بل، ايئر فورس ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ڪري ڇڏي. وقتي صدر پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي صحيح ڪري ڇڏي. وقتي صدر سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي انگ ۾ اضافي جي بلز تي صحيحون ڪيون. وقتي صدر جي صحيح کان پوءِ سمورا 6 بلز قانون بڻجي ويا.

ياد رهي ته قومي اسيمبلي آرمي ايڪٽ ۽ ججز ايڪٽ ۾ ترميم جا بل منظور ڪري ورتا. آرمي، نيول ۽ ايئرفورس ايڪٽ ۾ ترميم موجب سروسز چيفس جي عهدي جو مدو هاڻ 3 مان وڌائي 5 سال ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي ججز جو انگ 34 ڪرڻ ۽ اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جي ججز جو انگ 9 کان 12 ڪرڻ جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به اهي بلز منظور ڪري ورتا هئا.

Services Chiefs whose tenure will be 5 years