آسٽريليا لاءِ 204 رنز جو ٽارگيٽ، ڪينگروز جا 8 آئوٽ

ملبورن : آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 19 جي مجموع اسڪور تي ڪري جڏهن اوپنر ميٽ شارٽ هڪ رن ٺاهي آفريدي جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. 28 جي اسڪور تي ٻيو اوپنر جيڪ فريزر 16 رنسونٺاهي نسيم شاهه جي بال تي عرفان نيازي هٿان ڪيچ ٿيو. اسٽيو سمٿ 4 چوڪن جي مدد سان 44 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. آسٽريليا جي وڪٽ ڪيپر جوش انگلس 44 رنز ٺاهي آفريدي جي بال تي عرفان هٿان ڪيچ ٿيو. ميمس ليبسچينج 16 رنز ٺاهي حارث جي بال تي عرفان هٿان ڪيچ ٿيو، ايرن هارڊي کي حسنين بولڊ ڪيو، هن هڪ رن ٺاهي، گلين ميڪسويل کي پهرين بال تي ئي حارث، رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو. سين ايبٽ 13 رنسون ٺاهيون ته سلمان آغا کيس رن آئوٽ ڪيو. 30 اوورن ۾ آسٽريليا جا 185 تي 8 آئوٽ ٿيا، ان وقت تائين پاڪستاني بالر 20 ايڪسٽرا رنز ڏئي چڪا هئا. پاڪستان خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي وئي. ميزبان ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جو ٽاپ ۽ مڊل آرڊر بيٽنگ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام نظر آئي. پوري ٽيم 46.4 اوورز ۾ 203 رنسن تي ڍير ٿي وئي. صائم ايوب 1 رن ٺاهي مچل اسٽارڪ جي بال تي بولڊ ٿيو، عبدالله شفيق به 12 رنسون ٺاهي اسٽارڪ جي بال تي جوش انگلس هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم 44 بالن تي 37 رنسون ٺاهيون ته ايڊم زمپا کيس بولڊ ڪيو. محمد رضوان 71 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 44 رنس ٺاهي اسپنر لابوس چينج جي بال تي وڪٽ ڪيپر جوش انگلس هٿان ڪيچ ٿيو. ڪامران غلام 5 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي جوش انگلس هٿان ڪيچ ٿيو. سلمان آغا 12 رنسون ٺاهي سين ايبٽ جي بال تي ميٽ شارت هٿان ڪيچ ٿيو. عرفان نيازي 22 رنز ٺاهي پچ تي رن وٺندي ڪري پيو ۽ جيسين هن ٻيهر اٿي ڀڄڻ شروع ڪيو تيسين بالر اينڊ تي ميڪسويل کيس رن آئوٽ ڪري چڪو هو. ڊاهين آفريدي هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي 24 رنز ٺاهيون ته مچل اسٽارڪ کيس بولڊ ڪيو. نسيم شاهه 4 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان پاڪستان جو اسڪور 200 کان پار ڪرايو. حارث رئوف بنا رن اسڪور ڪرڻ جي ايڊم زمپا جي بال تي بولڊ ٿيو. نسيم شاهه جو ساٿ ڏيڻ حسنين آيو پر نسيم شاهه پيٽ ڪمنز جي بال تي مچل اسٽارڪ هٿان ڪيچ ٿي ويو.

A target of 204 runs for Australia