بيروت: غزه ۾ اسرائيلي فوج 24 ڪلاڪن دوران 95 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج جي حملن جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل حملن ۾ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ٻئي طرف لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ ماڻهن کي فوري طور تي 2 علائقا خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ حملن جي تياري شروع ڪئي وئي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ 6 طبي ڪارڪنن سميت 45 لبناني شهيد ٿي ويا.ان کان علاوه اسرائيل شام ۾ لبنان جي سرحد ويجهو به حملو ڪيو جنهن ۾ 10 شهري شهيد ٿي ويا.ٻئي طرف خميس ڏينهن حزب الله اتر اسرائيل تي راڪيٽ حملن ۾ 4 پرڏيهين سميت 7 ڄڻا مارجي ويا.ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله جنگ بندي جي ڪوششن ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي.