حڪومت جي رائٽ سائزنگ پاليسي، پاڪستان پوسٽ مان وڌيڪ 1500 نوڪريون ختم

اسلام آباد:  وفاقي سرڪار جي رائٽ سائزنگ پاليسي جي تحت پاڪستان پوسٽ ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي وڌيڪ سوين نوڪرين کي ختم ڪيو ويو آهي.

اختيارين موجب حڪومت جي رائٽ سائزنگ پاليسي جي تحت پاڪستان پوسٽ ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي وڌيڪ 1511 نوڪرين کي ختم ڪيو ويو آهي.

اداري جي هيڊ ڪوارٽر مان جاري ڪيل سرڪلر موجب انهي کان اڳ به 2000 نوڪرين کي ختم ۽ 105 کي ضم ڪيو ويو آهي گڏيل طور تي هينئر تائين هن اداري مان 3616 نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ختم ڪيل سموريون جڳهيون خالي هيون ۽ انهن ۾ سڀني کان وڏو انگ پوسٽ مين اسڪيل 7 جو 500 جڳهيون، ميل پيون، پورٽرز اسڪيل 2 جون 458 ۽ پوسٽل ڪلرڪس اسڪيل 9 جون 274 پوسٽون هيون.

ذريعن موجب گريڊ 14 جون 9 جڳهيون، گريڊ 11  ۾ 4، گريڊ 9 ۾ 29 ۽ ٽائم اسڪيل ڪلرڪ جي 30 جڳهين سميت ٻيون سوين خالي جڳهيون شامل هيون جن کي هاڻ ختم ڪيو ويو آهي

Government's right-sizing policy