سعودي عرب پاڪستان ۾ سرمائيڪاري 2.2 ارب ڊالر مان وڌائي 2.8 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض: سعودي عرب پاڪستان ۾ سرمائيڪاري 2.2 ارب ڊالر مان وڌائي 2.8 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف سعودي سرمائيڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز سان گڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن دوران سعودي وزير پاڪستان ۾ سرمائيڪاري 2.2 ارب ڊالر مان وڌائي 2.8 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

خالد بن عبدالعزيز چيو ته جڏهن پاڪستان ويا هئاسين ته 27 مفاهمتي ياداشتن جي تحت 2.2 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري تي اتفاق ٿيو هو ته انهي وقت ئي چيو هو ته هي شروعات آهي انهي ۾ وڌيڪ اضافو به ڪنداسين.

سعودي وزير طرفان وڌيڪ سرمائيڪاري جي اعلان تي وزيراعظم شهباز شريف سندن ٿورو ادا ڪندي مالي معاملن ۾ پاڪستان سان تعاون تي سعودي ولي عهد جو ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف چيو ته سعودي عرب سان گڏجي خوشحالي ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪنداسين ۽ سمورا حدف به حاصل ڪيا ويندا. اختيارين موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ قطر جي امير جي دعوت تي اڄ قطر روانو ٿيندو.