وياج واري نظام جي خاتمي کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وياج جي نظام جي خاتمي کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. جي يو آءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان علماءِ ڪونسل پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي دمڙ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم ۾ وياج جي خاتمي ۽ سوسائٽي ايڪٽ ترميمي بل ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جي منظوري تي مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪيو.

ملاقات ۾ چيئرمين مرڪزي علماءِ ڪونسل پاڪستان صاحبزاده زاهد محمود قاسمي، وائيس چيئرمين مرڪزي علماءِ ڪونسل پاڪستان پير جي خالد محمود قاسمي، مولانا ابراهيم عبدالله، صاحبزاده حسين احمد قاسمي، مجيب دمڙ، جمعيت علماءِ اسلام فيصل آباد جي امير ميان عرفان، سيڪريٽري جنرل فيصل آباد مفتي شاهد معاويه ۽ جمعيت علماءِ اسلام ضلع فيصل آباد جا عهديدار به موجود هئا.

انهي موقعي تي جي يو آءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ وياج جي خاتمي  بابت منظوري پوري قوم لاءِ خوشي جوڳو قدم آهي. وياج جي خاتمي کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ اهو الله جو نظام آهي جڏهن اسان پي ڊي ايم جي اقتدار ۾ هئاسين انهي وقت ڊرافٽ تيار ٿيو ۽ اسان هاڻ  مخالف ڌر ۾ آهيون.  ته الله تعاليٰ اسان کان اهو خير وارو ڪم ورتو. انهي تي اسان رب پاڪ جا ٿورائتا آهيون.

مولانا فضل الرحمان چيو ته هاڻ اهي خبرون ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن ته 27هين آئيني ترميم به ايندي جيڪو 26هين ترميم ۾ نه ٿي سگهيو اهو هن ترميم ۾ ڪيو ويندو اسان ترميم پاس ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪڏهن پيش ڪئي وئي ته انهي جي مزاحمت ڪنداسين.

pakistan can not develop with having a intrest system says maulana fazl ur rehman