سنڌ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج مارڪيٽ کان سستو ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ جي زراعت کاتي ڪڻڪ جو اعليٰ ڪوالٽي جو ٻج مارڪيٽ کان 3 سئو رپيا گهٽ قيمت تي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سنڌ سيڊ ڪارپوريشن هارين لاءِ اعليٰ ڪوالٽي جي ڪڻڪ جي ٻج بيسڪ سيڊ جي قيمت 7 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏي. ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته هارين جي لاءِ سرٽيفائيڊ سيڊ ڪڻڪ جي ٻج جي قيمت 6 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو چوڻ هو ته هاري زراعت کاتي جي سيڊ ڪارپوريشن کان منظور ٿيل ڪڻڪ جو ٻج خريد ڪري سگهندا. سنڌ سيڊ ڪارپوريشن مارڪيٽ جي حوالي سان ڪڻڪ جي ٻج جي قيمت 3 سئو رپيا گهٽ رکي آهي. ترجمان موجب هاري سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي گهوٽڪي، سيٺارجا ۽ ڪوٽڏيجي جي سرڪاري سينٽرن تان ڪڻڪ سيڊ جو ٻج خريد ڪري سگهن ٿا.

best seed of wheat will provide in sindh