سنڌ ۾ مليريا تيزي سان ڦهلجڻ لڳي، هفتي ۾ هڪ لک کان مٿي ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سنڌ ۾ مليريا جو مرض تيزي سان ڦهلجڻ لڳو ۽ هڪ هفتي ۾ هڪ لک کان مٿي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) موجب سنڌ ۾ پوئين هفتي 106684 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ موجب مليريا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس لاڙڪاڻي ۾ رپورٽ ٿيا جن جو انگ 11588 آهي. خيرپور ۾ 10681 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا. ٻين ضلعن ۾ پڻ قابل ذڪر اضافو ڏٺو ويو، قمبر ۾ 7,998،، ميرپورخاص 7,230 ۽ دادو ۾ 6,045 ڪيس رپورٽ ٿيا. بدين ۾ مليريا متاثرن جو انگ 5 هزار 948 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ 5 هزار 703 ۽ 5 هزار 126 ڪيس سامهون آيا آهن. ٽنڊي الهيار ۾ 4 هزار 809، سکر ۾ 4 هزار 673 ۽ نوشهروفيروز ۾ 4 هزار 590 ڪيس رپورٽ ٿيا. شڪارپور ۾ 3 هزار 970 جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ 3 هزار 546 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۾ مليريا جو ڦهلاءُ ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نظر اچي رهيو آهي، گذريل هفتي 779 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعي اولهه ۾ 155 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته ضلعي اوڀر ۾ 135 ڪيس هئا. ٻين علائقن جهڙوڪ ڪورنگي ۾ 82، ضلعي ڏکڻ ۾ 52 ۽ ڪياماڙي ۾ 6 ڪيس رپورٽ ٿيا. ياد رهي خيبپختونخوا ۾ مليريا جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جو انگ 64 هزار کان مٿي آهي.

malayria cases has been increase day by day in sindh