منهنجي استعيفيٰ سان دهشتگردي رُڪجي وڃي ٿي ته دير نه ڪندس: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي استعيفيٰ سان دهشتگردي رُڪجي وڃي ٿي ته دير نه ڪندس.

پنهنجي بيان ۾ سرفراز بگٽي چيو ته صوبي ۾ فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي، ڇو ته دهشتگرد ايترا طاقتور ناهن جو انهن خلاف فوجي آپريشن ڪيون، دهشتگردن جو سڀ کان وڏو ٽول ڪميونيڪيشن آهي.

هن چيو ته اسان سڄي بلوچستان ۾ فور جي سروسز ڏنيون، دهشتگرد به فور جي سروس استعمال ڪري رهيا آهن، مشاورت ڪنداسين ته صوبي ۾ ڪٿي فور جي سروس ڏيڻي آهي ۽ ڪٿي نه.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي تي ڳڻتي آهي، رڳو مذمت جو لفظ ننڍو آهي، اسان پرامن ماحول لاءِ پرعزم آهيون.

If terrorism stops with my resignation