ڪرشما جي پهرين محبت ڪير؟ ڪرينا ڪپور ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀيڻ ۽ اڳوڻي اداڪارا ڪرشما ڪپور جي پهريون ڪرش” سلمان خان “ هو . اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ ڪرشما ڪپور پهريون ڀيرو ” دي گريٽ انڊين ڪپل شو “ ۾ گڏ شرڪت ڪئي، جنهن جي قسط اڄ نشر ڪئي ويندي. شو جو ٽريلر جي وڊيو ڪلپ پرڏيهي ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. شو دوران ڪرشما ۽ ڪرينا پنهنجي ذاتي زندگي سميت بالي ووڊ ڪيرئر ۽ زندگي جي خوبصورت لمحن تي تفصيلي ويچار ونڊيا. وائرل وڊيو ۾ ميزبان ڪپل شرما ڪرينا ڪپور کان سوال ڪيو ته ڪرشما جي پهرين محبت ڪير هو؟ جنهن جي جواب ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته” سلمان خان. “واضح رهي ته ڪرشما ڪپور ۽ سلمان خان نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪيئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ جڙوان، انداز اپنا اپنا، بيوي نمبر ون، دلهن هم لي جائينگي، چل ميري ڀائي ۽ هم ساٿ ساٿ هين جهڙيون فلمون شامل آهن.