پنهنجي شاديءَ تي جهمر هڻڻ ۽ انجواءِ ڪرڻ چاهيان ٿي: اننيا پانڊي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي پنهنجي شادي بابت خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اننيا پانڊي اڄڪلهه پنهنجي نيٽ فلڪس تي رليز ٿيل فلم ” سي ٽي آر ايل “ جي پروموشن ۾ رڌل آهي، ان سلسلي ۾ هوءَ مختلف پروگرامز ۾ شرڪت ڪري رهي آهي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا مقامي ميڊيا کي انٽرويو ڏنو جتي ميزبان طرفان کائنس بالي ووڊ جي ” ڊريم “ شادي بابت سوال پڇيو ويو .
سوال جي جواب ۾ اننتيا چيو ته کيس عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي بالڪني ۾ ٿيل شادي تمام گهڻي پند آهي، هوءَ سمجهي ٿي ته ماڻهو ” هيءَ لوڪيشن، هوءَ لوڪيشن “ تي ڌيان ڏيندا آهن پر عاليا ۽ رنبير شادي لاءِ بالڪسي جي چونڊ ڪئي جيڪا ٻنهي لاءِ خاص هئي.
پنهنجي شاديءَ بابت ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته هوءَ به ڪجهه اهڙي ئي قسم جي شادي چاهي ٿي.
هن چيو ته ننڍپڻ ۾ هڪ شاهاڻي شادي جي خواهش هئي پر هاڻ مان چاهيان ٿي ته رڳو منهنجا ويجها دوست گڏ هجن، پنهنجي شاديءَ تي جهمر هڻڻ ۽ انجواءِ ڪرڻ چاهيان ٿي