معاشي محاذ تي اسان بهتر پوزيشن ۾ آهيون: محمد اورنگزيب

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي محاذ تي بهتر پوزيشن تي اچي ويا آهيون.پاڪ-سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته گذريل 14 مهينن ۾ اسان ميڪرو اڪنامڪس تي ڪم ڪري رهيا هئاسين، اڄ اسان پنهنجي ميڪرو اڪنامڪ اشارن کي بهتر بڻايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.محمد اورنگزيب چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي ويو آهي ۽ ڪرنسي مستحڪم ٿي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ادائيگيون وقت تي ٿي رهيون آهن، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي آهي.ناڻي واري وزير چيو ته ڪالهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ رڪارڊ بلندي تي پهتل آهي، اسان معاشي محاذ تي بهتر پوزيشن تي اچي ويا آهيون.فورم کي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن، فارما، سرجيڪل ۽ اسپورٽس جي شعبن ۾ به سعودي عرب کان تعاون جا وڏا امڪان موجود آهن.پاڪستان سعودي مارڪيٽ ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ چاهي ٿو، پاڪستان سعودي عرب کي چانور، گوشت، ميوا، ڀاڄيون ۽ مڇي برآمد ڪري ٿو.

In financial situation pakistan position is strong